خواجه امام الدين مجددي شڪارپوري

خواجه امام الدين مجددي شڪارپوري: خواجه امام الدين ولد خواجه نظام الدين 1773ع ڌاري شڪارپور ۾ جنم ورتو. هيءُ پير نظام الدين اولياءَ جي خاندان مان هو. پنهنجي والد جي وفات بعد درگاهه جو گادي نشين ٿيو. شڪارپور ۾ هزاري دروازي جي ٻاهران حويلي ۽ ڪوٽ تعمير ڪرايائين ۽ عام ماڻهن کي درس ۽ تدريس ڏيئي خلق خدا جي خدمت ۾ مصروف رهيو. هن بزرگ وٽ هر وقت عالمن جون مجلسون متل رهنديون هيون. فارسيءَ جو شاعر به هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو